مارننگ شو جي مشهور ميزبان ۽ پروڊيوسر ندا ياسر انڪشاف ڪيو آهي ته گهر ۾ گاڏي هجڻ باوجود به بسن ۾ سفر ڪندي آهي ۽ هاڻ هو رڪشي ۾ سفر به ڪري وٺندي آهي.
مسرت مصباح جي شو ۾ پنهنجي زندگي ۽ خاص طور تي ٻارن جي پرورش جي باري ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي پرورش مزدور واري انداز ۾ ڪئي وئي.
هن ٻڌايو ته مان ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ايس ڪالج ۾ تعليم حاصل ڪئي، ڪالج وڃڻ لاءِ گاڏي جو استعمال ڪندي هئس پر واپسي تي گاڏي ۽ ڊرائيور هجڻ باوجود به بس ۽ رڪشي ۾ سفر ڪيا.
ندا ياسر جو چوڻ هو ته مونکي اڄ به ياد آهي ته ڪالج کان گهر اچڻ لاءِ جي 7 بس هلندي هئي.
ميزبان چيو ته مون ۾ ڪي به نخرا ناهن، خاص طور تي سيليبريٽي وارا نخرا مان ناهيان ڪندي ان جو ڪريڊٽ منهنجي ماءُ کي ويندو آهي جنهن منهنجي پرورش اهڙي انداز ۾ ڪئي.
You might also like