بدين ۾ گسٽا اڳواڻ پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جي عملي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڌمڪائڻ واري عمل خلاف عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري گهر ڪئي آهي ته ڪاشف ميمڻ خلاف ڪيس داخل ڪري ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي. واقعي خلاف ٽريزري آفيس جي ملازم ساجد خواجا، سارنگ سومري، بدرالدين عباسي ۽ ٻين احتجاج ڪيو.