انگلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست بعد پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا رواني

لنڊن ( ويب ڊيسڪ )آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لنڊن کان آمريڪا لاءِ رواني ٿي وئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو يورپ جو دورو مڪمل ٿي ويو، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ کانپوءِ گرين شرٽس جي ايندڙ منزل آمريڪا آهي.
پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ لنڊن کان آمريڪي شهر ڊيلاس پهچندي.
پاڪستان ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ گروپ اي ۾ شامل آهي، قومي ٽيم جي پهرين ميچ ڇهه جون تي ميزبان آمريڪا خلاف ڊيلاس ۾ ئي ٿيندي.
واضح رهي ته پاڪستان يورپ جي دوري دوران آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي جڏهن ته انگلينڊ گرين شرٽس کي چئن ميچن جي سيريز ٻه ٻڙي تان شڪست ڏني.

T20worldcup2024 Pakistancircketteam England

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.