لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ڪانٽيڪٽ ڪيرئٽر ارسلان نصير پرستار طرفان آلرائونڊر شاداب سان ٿيل رويي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي شاداب خان جي هڪ وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ قومي ڪرڪيٽر کي ڪارڊف ۾ برسات متاثر مئچ بعد پاڪستاني شوقينن سان ملاقات ڪندي ۽ انهن سان تصويرون وٺندي ڏٺو ويو.
ان موقعي تي شاداب خان سان تصوير ڪڍرائيندڙ عورت سوال ڪيو ته ”اوهان ڇڪا ڇو کائي رهيا آهيو فارم ۾ واپس اچو ۽ اوهان کي وڪيٽون وٺڻيون آهن“.
ان تي شاداب ڪوبه جواب ڏيڻ بدران خاموشي سان مسڪرائيندي تصوير ڪڍرائي ۽ اڳتي وڌي ويو.
ان وڊيو تي هاڻ ارسلان نصير تبصرو ڪندي ۽ عورت جي حرڪت کي ڇڇوڙي قرار ڏنو.
اداڪار هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته سدائين اسان کي پرستار ڇڇوڙيندا آهن پر هڪ سيليبريٽي ۽ اسپورٽس مين کي سامهون وڃي چوڻ جڏهن اوهان ان سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ لاءِ عرض رکيو هجي.
ارسلام نصير وڌيڪ چيو ته اوهان پهريان پاڻ ان کي تصوير لاءِ روڪرايو ۽ بعد ۾ ويجهو وڃي اوهان اهڙي حرڪت ڪئي ۽ چيو ته اوهان ڇڪا ڇو کائي رهيا آهيو.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙي حرڪت جو شاداب خان جواب ڏئي ڇڏي ها ته پوءِ هر جڳهه کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ها.
You might also like