بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ هڪ فضائي ميزبان( ايئر هوسٽس) طرفان پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي سون سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايئر هوسٽس طرفان سون سمگل ڪرڻ جي ڪوشش جو واقعو ڀارتي رياست ڪيرالا جي ڪنور هوائي اڏي تي پيش آيو.
ڊائريڪٽوريٽ آف ريونيو انٽيليجنس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ايئر هوسٽس سورڀي پنهنجي وڏي آنڊي جي هيٺئين حصي ۾ 960 گرام سون لڪايو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، سورڀي ايئر اينڊيا ايڪسپريس لاءِ ڪم ڪندي آهي ۽ هوءَ 28 مئي تي مسقط کان ڪنور ۾ لينڊ ڪندڙ جهاز جي ڪيبن ڪريو ميمبر هئي.
سون ضبط ڪرڻ کانپوءِ ايئر هوسٽس کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو ۽ کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.
رپورٽس موجب، سورڀي عورت کان اڳ به ڪيئي ڀيرا سون سمگل ڪري چڪي آهي.
You might also like