ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ڀارتي ۽ بنگلاديشي ڪپتان کي نيويارڪ اسٽيڊيم وڻي ويو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪپتانن کي نيويارڪ جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وڻي ويو.
نيويارڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي وارم اپ ميچ کيڏي ويندي، 34 هزار تماشائين جي گنجائش واري اسٽيڊيم ۾ ڊراپ اِن پچز آهن.
ميچ کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن روهت شرما ۽ نجم الحسين شانتو اسٽيڊيم جي سحر ۾ جڪڙجي ويا.
ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جي خوبصورتي کي ساراهيندي چيو ته هي ڏاڍو خوبصورت ۽ کليل ميدان آهي، اسٽيڊيم جي ماحول کي محسوس ڪرڻ لاءِ وڌيڪ انتظار نٿو ڪري سگهان.
هن چيو ته تماشائين جو انگ به سٺو آهي، هي سٺو اسٽيڊيم ثابت ٿيندو، اسان کي هتان جي ڪنڊيشنز کي سمجهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته نيويارڪ ۾ مداح به اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏيڻ لاءِ بيتاب آهن.
ٻئي پاسي ناظم الحسين شانتو چيو ته اسٽيڊيم جون تصويرون انٽرنيٽ تي ڏٺيون، هاڻي هي اسٽيڊيم ۾ مڪمل طور تيار ٿي چڪو آهي، ڏاڍو سٺو محسوس ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ به نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم ۾ ئي نوَ جون تي شيڊيولڊ آهي.
T20Worldcup2024 RohitSharma

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.