سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ انگلينڊ هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم کي ورلڊ ڪپ لاءِ اهم صلاح ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کانپوءِ هاڻ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا رواني ٿي وئي آهي.
ان ڏس ۾ اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي بابر اعظم کي صلاح ڏني ته هو ورلڊ ڪپ ۾ اوپننگ ڪرڻ بدران ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪري.
شعيب ملڪ لکيو ته هو سمجهي ٿو ته بابر اعظم کي ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪرڻ کپي ڇو ته ٽيم کي مڊل آرڊر ۾ اهڙي بيٽر جي ضرورت آهي جيڪو اسٽرائيڪ تبديل ڪري سگهي ۽ بابر اعظم بهترين آپشن آهي.
ان کانسواءِ اڳوڻي ڪپتان شاداب خان ۽ اعظم خان بابت چيو ته هو ٻئي پاڪستاني ٽيم لاءِ اهم آهن، کين اعتماد نه وڃائڻ گهرجي، هو ٻئي ميچ ونرز آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو انعقاد آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ميگا ايونٽ پهرين جون( سڀاڻي ) کان شروع ٿيندو.
پاڪستان جي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ميچ ڇهه جون تي ميزبان آمريڪا خلاف شيڊيول آهي.
T20worldcup2024 Pakistancricketteam ShoaibMalik