اهو ڪيس تڏهن ختم ٿيندو جڏهن احمد فرهاد عدالت ۾ پيش ٿيندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احمد فرهاد جي بازيابي لاءِ داخل درخواست ختم ڪرڻ جي ايڊيشنل اٽارني جنرل جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني احمد فرهاد جي گهرواريءَ طرفان مڙس جي بازيابي لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي ۾ درخواستگذار جا وڪيل ايمن مزاري، هادي علي ايڊووڪيٽ ۽ حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال عدالت ۾ پيش ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد 2 جون تائين جسماني رمانڊ تي آهي، کيس فيملي سان ملايو ويو آهي انڪري پٽيشن ختم ڪئي وڃي.
ان تي ايمن مزاري چيو ته اسان احمد فرهاد جي واپسي نه گهري هئي، اسان جبري گمشدگي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو به چيو هو.
عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل جي استدعا رد ڪندي چيو ته اهو ڪيس تيستائين هلندو جيستائين احمد فرهاد کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويندو، جنهن ڏينهن کيس عدالت ۾پيش ڪيو وڃي ته اهو ڪيس ختم ڪيو ويندو.
جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
AhmedFarhad IslamabadHighcourt Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.