فاطمه ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر مون سان گڏ رهي آهي: ذوالفقار جونيئر

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڀيڻ  فاطمه ڀٽو کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون ڏنيون آهن. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي 3 تصويرون شيئر ڪندي  پنهنجي ڀيڻ سان بيحد محبت جو اظهار ڪيو آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ کين ڏاڍو خوش ڏسي سگهجي ٿو، ٻي تصوير ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڀاڻيجي ۽ ڀيڻيوي سان گڏ بيٺو آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لکيو آهي ته پئدائش کان وٺي منهنجي سڀ کان بهترين دوست کي جنم ڏينهن جون واڌايون! جيستائين مونکي ياد آهي توهان منهنجي لاءِ هڪ متاثر ٿيندڙ شخصيت ۽ استاد رهيون آهيو. حقيقت ۾ توهان ڏکئي وقت ۾ هڪ ٿنڀ  ۽ منهنجي ڪرنگهي جي هڏي وانگر مون سان گڏ رهيون آهيو. هن پوسٽ تي جتي فاطمه ڀٽو جي لکين فالوورز کيس جنم ڏينهن تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن، اتي پي ٽي آءِ باني جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ به کيس سالگرهه جي مبارڪباد ڏني آهي. ڪمنٽ باڪس ۾ فاطمه ڀٽو کي مبارڪباد ڏيڻ وارن ۾ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جون مشهور شخصيتون به شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.