اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن الزام هنيو آهي ته رياستي ادارن تي اسٽيبلشمنٽ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي. اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران رئوف حسن وڌيڪ چيو ته رياستي ادارن جي هن وقت ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر نه اچي سگهي. هن چيو ته اسان 75 سالن کان اسٽيبلشمنٽ جو ڪردار ڏسي رهيا آهيون. ماتحت عدالتن مان تلوار جي زور تي ورتل فيصلا اعليٰ عدالتن ۾ رهي نٿا سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيون ته پي ٽي آءِ باني کي وڌيڪ وقت جيل ۾ رهڻو پوندو. رئوف حسن دعويٰ ڪئي ته هو انصاف جو قتل ڏسي رهيا آهن. رياست تي عوام جو اعتماد وڌائڻ لاءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي. اڄ به فرد کي رياست يرغمال بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ ۾ فوج خلاف ڪو به لفظ ناهي، پر فوج جي بهادري جو ذڪر آهي. هن چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي سزا ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان کي هن وقت تائين جيل مان نڪرڻ گهرجي ها.