اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جنهن سياست جي چونڊ ڪئي آهي انهي سان اتفاق نٿو ڪريان.اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين دوران هن چيو ته صدر(ن) ليگ نوازشريف جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان، نوازشريف جي مهرباني آهي ته هن نالو ورتو، ان سان 35 سالن جو ذاتي تعلق اڄ به موجود آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف ذميوار ماڻهو آهي، ان سان تعلق رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين آڻڻ وارا چاهيندا حڪومت هلندي، ڪنهن جي لاءِ ماحول ٺاهڻ جي حق ۾ نه آهيان عوام جي راءِ جي حق ۾ آهيان.ان کان اڳ اسلام آباد ۾ آئل اينڊ گيس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت طرفان فيصلا نه ڪرڻ سان انرجي سيڪٽر تباهي جي ڏهاڪي تي پهچي وئي آهي. ايل پي جي طلب ۾ اضافو ٿيو ڇو ته قدرتي گيس نه آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي مينڊيٽ تي شڪ آهي ته پوءِ اهي ملڪ نٿا هلائين، اسان کي اهي بنيادي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، ٻي صورت ۾ مشڪلاتون پيش اينديون.هن چيو ته مون کي ايس آءِ ايف سي جي باري ۾ وڌيڪ خبر ناهي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد ڇا آهي، بهرحال مان ان لاءِ دعا گهران ٿو.