دبئي (م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد دبئي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي تصوير ڊاڪٽر عشرت العباد جي ٽوئيٽر هينڊل تان جاري ڪئي وئي آهي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته شير افضل مروت سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عشرت العباد چيو ته مون تجويز ڏني آهي ته سياسي استحڪام لاءِ بامقصد ڳالهيون ضروري آهن. معاشي مشڪلاتن جي هن دور ۾ عوام کي رليف ڏيڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ سرچاءُ ضروري آهي.