ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر/ نمائندا) سنڌ ۾ يارهين ٻارهين جا امتحان شروع ٿي ويا، سخت گرمي سبب ڪيترائي شاگرد بيهوش ٿي پيا. ڪنري ۾ يارنھن ۽ ٻارنھن درجي جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا، تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي تحت يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي امتحانن جو آغاز ٿي ويو آھي. پھرين ڏينھن تي يارنھن درجي جو ڪيمسٽري جو پيپر ورتو ويو، گرمي ۾ امتحان ۽ هيٽ ويو جي خطري سبب انتظاميا اسڪول ۾ ايمبولينس بيھاري ڇڏي، ضلعي انتظاميا امتحانن دوران گرمي ۽ ھيٽ ويو جي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ ايمبولينس بيھاري ڇڏي، گورنمينٽ قاضي سلطان هائي اسڪول ۾ ايمبولينس بيھاري عملي پاران شاگردن کي گرمي دوران طبيعت خراب ٿيڻ جي صورت ۾ طبي امداد ڏيڻ بابت آگاھي پڻ ڏني وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار جو چوڻ ھو ته ايمبولينس جي سروس سموري تعلقي ۾ ھوندي، سکر تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ ڪلاس يارنهن ۽ ٻارنهن جا بورڊ جا امتحان شروع ٿي ويا خيرپور شھر جي امتحاني سينٽرن تي بجلي , مٺي پاڻي سميت انتظام اڻپورا , رهيا ، امتحاني سينٽرن تي بجلي رھي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جا پکا خراب آھن ۽ ڪيترن اسڪولن جي ڪلاسن مان پکا لٿل آھن .ميھڙ ۾ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي سالياني پيپرن دوران سخت گرمي سيپڪو پاران ھٿرادو لوڊ شيڊنگ جاري رکي امتحاني مرڪز ۾ گرمي ۽ بجلي نه ھجڻ سبب ٻه شاگرد مختيار علي ، فرقان احمد بي ھوش ٿي ويا شاگردن جي بي ھوش ٿيڻ واري اطلاع تي تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊاڪٽرن ايم ايس ھدايت علي کوسو ، ڊاڪٽر وزير علي ٿيٻو ، ڊاڪٽر آصف خاصخيلي ، اسٽاف سميت ڊگري ڪاليج ميھڙ پھچي ٻارن کي طبي امداد ڏني.