آءِ ايم ايف سان 3 سالن جي قرض پئڪيج بابت باضابطا ڳالهيون شروع

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف سان 3 سالن جي قرض جي نئين پروگرام لاءِ باضابطا ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ناڻي واري وزارت  پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو  ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام مضبوط پاليسيءَ لاءِ تمام ضروري آهي، ڇو ته قرض پروگرام ٻاهريون سيڪٽر مضبوط ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌندي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾  پرڏيهي سيڙپڪاري، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن، ايف بي آر جي روينيو ۽ نان ٽيڪس آمدني ۾ 94.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رپئي جي ملهه ۾ به بهتري آئي، مهانگائي گهٽتائي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، روانگي واپار م گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 10.6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هلندڙ مالي سال ۾ آمدني واپار ۾ 5.3 سيڪڙو گهٽتائي آئي. رپورٽ موجب 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 93.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ 10 مهينن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 5 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، جڏهن ته هڪ سال ۾ رپئي جي قدر ۾ 9 رپين جو اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ مالياتي خسارو 26.8 سيڪڙو وڌي ويو، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 28.2 سيڪڙو کان گهٽجي 26 سيڪڙو ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.