پنجاب سنڌ جي پاڻي تي زبردستي ڌاڙو هڻي رهيو آهي: لال جروار

حيدرآباد ( پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر  رسول بخش خاصخيلي ۽ مير بشير ٽالپر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي  حصي پتي  جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سڄي سنڌ کي سڪايو ويو آھي، انسان جانور پکي پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي لاءِ تڙپي رھيا آھن، سنڌ ۾ ڪربلا وارو منظر آھي. انڊس ڊيلٽا ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڊيلٽا تباهھ ٿي ويو آھي، سمنڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙھي اچڻ ڪري جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي ۽ سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آھي. سنڌو درياهه جي پوڇڙي واري حصيدار (سنڌ)  کي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي. پنجاب جا ٻه ڌاڙيل ٻوڏن وارا ڪينال زبردستي وهي رهيا آهن. سنڌ جا آبادگار ۽ ھاري پاڻي نه ھجڻ ڪري سخت گرمي ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.