گهوٽڪي(ڊ ر)ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جي صدر اسد پتافي جي صدارت هيٺ پريس ڪلب جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ سڀني ميمبر دوستن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي متفقه طور پريس ڪلب جو نالو تبديل ڪري شهيد نصرﷲ گڏاڻي پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو رکيو ويو، سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته نصرﷲ گڏاڻي جي قتل جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.
-
مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اڳوڻو وزير شهيد ذوالفقار ڀٽي جي پٽ مير مرتضي ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .ميرمرتضي ڀٽي جي ملازم نورمحمد جوابدارن جي بربت جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي .جوابدار واجد علي دراني ۽ شعيب سڊل جي وڪيلن پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي آهي .جڏهن ته جوابدار راءِ طاهر،غلام مصطفي ،راجا حميد احمد سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا .عدالت غير حاضر جوابدارن پاران درخواست نه ڏيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪيترا جوابدارن فوت ٿي وياآهن .جنهن ۾ شاهد حيات،شبير احمد قائمخاني ،آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف شامل آهن .عدالت ٻڌڻي آگسٽ جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪندي جوابدارن کي لازمي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بجلي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي بابت فيصلو محفوظ
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي .عدالت پنهنجي حڪم چيو ته ميئر ڪراچي پنهنجو بيان حلفي نامو جمع ڪرائيندو ته ٻيهر ٽيڪس ڪليڪشن جي معاملي تي سٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ سٽي ڪائونسل کان منظور ڪرايو ويندو .عدالت ۾ ميئر ڪراچي مرتضي وهاب ايڊووڪيٽ جماعت اسلامي عثمان فاروق طارق منصور سميت ٻيا پيش ٿيا.جماعت اسلامي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي جو ڪي ايل سان معاهدو غلط آهي.ڪراچي ۾ اوور بلنگ، لوڊشيڊنگ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي وقار سواليه نشان آهي .ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي کي هڪ ارب کان وڌيڪ ادا ڪرڻا آهن .عدالت اسان جي درخواست تي پابندي جو حڪم ڏنو آهي ،ڪراچي جي ميئر عدالت ۾ ڳالهائڻ چاهيون پر عدالت خاموش ڪري ڇڏيو .عدالت چيو ته توهان کي هاڻي صبر ڪرڻ گهرجي، پهرين انتظار ڪريو، اسان اوهان جو جواب ٻڌاسين، جماعت اسلامي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي ۾ هزارين ملازم آهن جن وٽ ڪجهه به ناهي.نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ تي 5 ڪروڙ رپيا جو ڏنڊ لڳايو ويو هن چيو ته شهرين سان مذاق آهي.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته چئن درخواستگذارن ڪي ايم سي جي رولز کي چيلنيچ نه ڪيو آهي . ايدووڪيٽ طارق منصور چيو ته رولز هڪ متصادم آهي جنهن جي تحت پئسا وصول جو اختيار ناهي .ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب چيو ته اگر ڪنهن کي ريڪوري تي اعتراض آهي ته اسان وري لوڪل گورنمنٽ ڪائونسل معاملي کي پيش ڪري سگهون ٿا.ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جو واضع حڪم نامو موجود آهي، عدالت سوال ڪيو ته اوهان ڪهڙي چئي سگهون ٿا ته انڪم هائوس ڪهڙو آهي .عوام گهٽ آمدني ۾ ڪهڙي طرح گذارو ڪري سگهي ٿي ،عدالت چيو هي ڪهڙي ڳالهه ٿي ته 12هزار بل آهي ته 50رپيا ٽيڪس ورتو وڃي .12لک بل اچي ته 2سئو ورتا وڃن ڪهڙو فارمولا آهي .