شهيد نصرالله کي سڄي سنڌ ۾ ڀيٽا، قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر نمائندا) شهيد نصر الله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ سراپا احتجاج آهي.  عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي سنڌ جي بهادر ۽ بيباڪ صحافي ۽ عوامي آواز مير پور ماٿيلو جي رپورٽر  شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عوامي آواز ميڊيا گروپ  سڪرنڊ ۽  سڪرنڊ پريس ڪلب پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سندس تصوير تي گل نڇاور ڪري ۽ ميڻ بتيون ٻاري سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مير محمد ڪيريو، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ عوامي آواز سڪرنڊ جي رپورٽر راجڪمار اوڏ، اڳوڻي صدر مسعود عمراڻي ۽ سينيئر نائب صدر گل محمد لغاري، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اليڪشن چيئرمين عبدالصمد گبول، عبدالحميد آرائين، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفٰى مگسي، ايس ٽي پي جي سليم مگسي، شبير احمد راجپوت، جسم جي منور عمراڻي، مشتاق لغاري ۽ خير محمد لاکو ڳالهائيندي چيو ته سچ هميشه سوليءَ تي لٽڪايو ويو آهي. جنهن به حق ۽ سچ جو نعرو هنيو آهي ۽ ھن ڀوتارڪي سسٽم خلاف للڪار ڪئي آهي، ان کي شهيد ڪيو ويو آهي. ڪشمور ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرتي ڌڻي تحريڪ تعلقي صدر ملڪ برڪت علي جي اڳواڻي ۾ عيدگاھ محلا کان احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن تعلقي صدر ملڪ برڪت علي، قومي عوامي تحريڪ سٽي صدر رزاق شيخ، شعيب باغي ، زيشان سولنگي، بيورڪ خان لنجواڻي، سجاد ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا. خيرپور جي مختلف ھنڌن احمد پور، ڪوٽ ڏيجي، پيرجو ڳوٺ، ٺيڙھي سميت ٻين ھنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري سردار مائي فٽ ڀوتار مائي فٽ جا نعرا ھنيا. جنھن جي اڳواڻي عوامي آواز اخبار جي ضلعي رپورٽر مختيار ڦلپوٽو، سٽي رپورٽر شاھد نواز سيال،عوامي آواز ٽي وي جي ضلعي رپورٽر سيد نعيم حسين شاھ، ڪوٽ ڏيجي جي رپورٽر ثناء الله بگٽي، پيرجو ڳوٺ جي رپورٽر وسيم سنڌي، احمد پور جي مختيار ميتلو، سماجي اڳواڻ عرفان منگي، ساجد شاھ، جاويد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا. ڪنري ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ضلعي آرگنائيز محمد رمضان خاصخيلي، گل احمد، نادر سنڌي جي اڳواڻي ۾ آمريڪن چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  سڪرنڊ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جي ناحق خون سان انصاف لاءِ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي اڳواڻن شوڪت ڀاڻوجو، شاهد چانڊيو، شعيب ڪيريو، منصور جلباڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته نصرالله گڏاڻي انهن ارڏن صحافين مان هو، جيڪي وقت جي ظالم ڀوتارن جي ظلمن کي وائکو ڪندا آهن. پني عاقل ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف ريلي ڪڍي وئي. جنهن کي عبيدالله ڪلھوڙو ،سينيئر نائب صدر عبدالجبار بلو  محمود ڪلوڙ ،نورالدين پٺاڻ ،عبدالوحيد چاچڙ ،مور چاچڙ،حسنين ڪلوڙ،عادل ڪلوڙ،فراز ڪلوڙ،پنوعاقل ويلفيئر اتحاد جي فدا بلو،صحافي ڪامران ڊيھو،پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن حيدرآباد جي ميمبر عبدالصمد ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي عام ماڻھن جو وڏو آواز ھو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.