”رياستي ادارن تي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، اقتدار ڌڻي عمران خان جي آزادي جي خلاف آهن“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته عمران خان تي انتهائي ڪِريل ڪيس ٺاهيا ويا هئا ۽ جڏهن اِهي هڪ هڪ ڪري ختم ٿيندا ويا ته هاڻ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي حڪمت عملي آهي ته ڪيسن جي فيصلن ۾ دير ڪئي وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن چيو ته اڄ عدت ڪيس ۾ جيڪو ٿيو سڀني ڏٺو، ڪوشش ڪئي وئي وڃي ته ڪيسن جا فيصلا نه اچن.
هن چيو ته توشا خانا ۾ هڪ ٻيو ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، ان ڪيس جو مقصد اِهو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي سزا ڏياري وڃي، عمران خان کي جيل ۾ وڌيڪ وقت گذارڻو پوندو.
رئوف حسن دعويٰ ڪئي ته رياست جي ادارن تي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، سندن ڪوشش اِها ئي آهي ته عمران خان کي جيل کان ٻاهر نه اچڻ گهرجي ۽ اِهو ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي ته ڪيسن جو فيصلن ۾ دير ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان انصاف جو قتل ۽ رياست کي ڪمزور ٿي رهي آهي ، ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ۽ جنهن سبب اِهو ترقي نٿو ڪري سگهي اِها اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت آهي.

ImranKhan PTI RaoufHassan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.