ڪنڌڪوٽ (ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ عوامي آواز جي رپوٽرشهيد نصرالله گڏاڻي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ جماعت اسلامي پاران مٺي ۽ ٿڌي پاڻي جي ڪئمپ لڳائي وئي انهي دوران جماعت اسلامي جي صوبائي نائب اميرحافظ نصرالله چنا عوامي آوازسان ڳالهائيندي چيو ته شهيدنصرالله گڏاڻي مظلوم عوام جو آواز هو جنهن کي ڀوتارڪي نظام ذريعي قتل ڪرايو ويو، شهيد هڪ بي باڪ صحافي هو،هن هميشه حق سچ جي آواز کي بلندرکيو،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي وڏيرن هميشه حق سچ ڳالهائيندڙن کي گولين ذيعي دٻايوآهي ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي شهادت ۾ به پ پ جي وڏيرن جو هٿ آهي، اسين چاهيون ٿا ته شهيدجي خون سان انصاف ڪيووڃي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ٿئيڻ گهرجي
-
شهيد نصرالله مزاحمتي صحافي هو: ڏهرڪي ۾ ادبي سنگت جو ميڙاڪو
ڏهرڪي(ن ع آ)سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي پاران شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ،ميڙاڪي ۾ فاتحه ۽ قل پڙھي کيس بخشيا ويا. ميڙاڪي۾ شريڪ ٿيندڙن شھيد صحافي نصرالله جي شخصيت ،صحافت ،ڪردار تي کيس لفظن جي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته نصرالله گڏاڻي دلير۔بيباڪ ۽ مزاحمتي صحافي ھو جيڪو حق ۽ سچ جي راھ تي ھلندي شھادت قبول ڪندي ھميشه لاء امر ٿي ويو انھي پنھنجي حياتي ۾ مظلوم ۽ بي پھچ ماڻھن جو آواز اٿاري سچي ۽ ايماندار صحافي جو ثبوت ڏنو شھيد نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن،تعزيتي ميڙاڪي ۾ شاعر،اديبن، ليکڪن فدا ملڪ، جي ايم لاڙڪ، عامرجان ملڪ، زاھدعلي ڀُٽو، شاهنواز مسافر پتافي، نوبت ناز ڏهر شريڪ ٿيا .
-
سکر ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر کي ڀيٽا پيش
سکر(رپورٽر) نصرالله گڏاڻي جو قتل سموري صحافت جو قتل آھي، اھا ڳالھ سينئر صحافي ۽ اديب مجيد نواز مغل سکر سماجي فورم طرفان ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪئي، ھن چيو ته ويجھي وقت ۾ سنڌ جي غيور صحافين جي آواز کي بند ڪرڻ خاطر مختلف قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا پر جڏھن سازشين جي دال نه ڳري ته پوءِ انھن صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪرڻ شروع ڪيو آھي ان موقعي تي طارق پٺاڻ، زاھد علي، ناصر علي، سعيد مغل ۽ ٻين پڻ نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي. آخر ۾ جان محمد مھر ۽ نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
-
علي امين گنڊاپور جون وفاقي وزيرن سان ڳالهيون سٺو سنئوڻ آهن: مصدق ملڪ
اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) پيٽروليم واري وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وفاقي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. سينيٽر مصدق ملڪ چيو ته اميد ۽ تمنا آهي ته شيون اهڙي طرح جاري رهنديون. هن وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ قومي ۽ صوبائي معاملن تي سٺي نموني ڳالهه ٻولهه ٿي آهي،.
-
شبير عثماني ۽ ٻين جي قبرن جي بي حرمتي خلاف احتجاج
ڪراچي ( رپورٽر ) اسلاميه ڪاليج بحالي ڪميٽي پاران ڪالهه ڪميٽي جي اڳواڻي ڪنوينر راڻا آصف حبيب ۽ ڊپٽي ڪنوينر حسنھ قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ سول سوسائٽي سميت قريشي برادري جي فردن، شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو تھ اسلاميھ ڪاليج ھڪڙي ٽرسٽ تحت 1958ع ۾ قائم ڪيو ويو ھو، جنھن جو باني عبدالرحمان قريشي ۽ ان جي فرزند محمد حسين قريشي پنھنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي ھڪڙي عاليشان عمارت تعمير ڪئي ۽ اتي ڪاليج قائم ڪيو ويو، جڏھن تھ ان جي ڀرسان 1949ع ۾ علامھ شبير احمد عثماني کي پڻ دفنايو ويو، جنھن قائد اعظم محمد علي جناح رحھ جي جنازي نماز پڻ پڙھائي ھئي، ان کان سواءِ سيد سليمان ندوي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پھرئين گورنر زاھد حسين جون آخري آرامگاھون پڻ موجود آھن، ۽ قبضا مافيا انھن قبرن ۾ موجود اعليٰ شخصن جي جسدِ خاڪي کي اتان ڪڍي ڪنھن ٻئي ھنڌ تي منتقل ڪرڻ جھڙيون مڪروھھ سازشون ڪري رھي آھي، ان ڪري انھن قبضي مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ سميت اسلاميھ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرميون جلد کان جلد بحال ڪيون وڃن ۽ اڪابر شخصيتن جي قبرن جي بي حرمتي بند ڪرائي وڃي
-
ڪراچي پوليس پاران مبينا مقابلن بعد 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلي بعد 4 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. شاھراع نورجھان ٿاڻي جي پوليس مطابق ٽانڪي گرائونڊ نارٿ ناظم آباد بلاڪ ٽي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 2 زخمي ڦورو محمد آصف ۽ عادل کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار جوابدارن پستول گوليون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. عيد گاهھ ٿاڻي جي پوليس موجب علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو عبدالسميع ۽ فرحان علي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 2 موبائل فون موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي.
-
اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي شيخ مجيب بابت بيان تي ڪاوڙيل
لاهور(معظم فخر)24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ٻه وڏا فيصلا ٿيا آهن، هڪ ته 26 سالن کانپوءِ پوري ملڪ ۾يوم تڪبير جي موقعي تي عام موڪل ڪئي وئي،عمران خان جي آزادي جا امڪان زيرو آهن، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري موجود آهي، نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ 40 ڏينهن تائين عمران خان جي ضمانت نه ٿي سگهندي،جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي شيخ مجيب کي هيرو ۽ جنرل يحيٰ خان کي غدار قرار ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري قدم تي سخت ڪاوڙيل آهي۽ عمران خان لاءِ ملڪ ٽوڙڻ جي ڪوشش جو تاثر اڀري ويو آهي،تحريڪ انصاف فوج خلاف مهم هلائڻ کانپوءِ مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي، عمران خان کي ڪيترائي ڀيرا چيو ويو آهي ته 9 مئي واقعن تي معافي وٺو ته پوءِ معاملا اڳتي وڌن پر پي ٽي آءِ باني انڪاري آهي