ڪراچي ۾ اڄ کان هڪ جون تائين سخت گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر ) موسميات کاتي اڄ کان پهرين جون تائين ڪراچي ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.موسميات  کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ اڄ کان پهرين جون جي دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي پر ان دوران تيز هوائون هلنديون رهنديون.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ موسم شديد گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. اربع تي گرمي پد 40 کان 42 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي. خميس تي به موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهي سگهي ٿو. گرمي پد 41 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد 42 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.