28 مئي جو ڏينهن ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي ياد ڏياري ٿو: پاڪ فوج

راولپنڊي (م ڊ ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج يوم تڪبير جي 26هين سالگرهه تي قوم کي  مبارڪون ڏنيون آهن.آءِ ايس پي آر موجب، هي اهم ڏينهن 1998 ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو. هن ڏينهن ڪاميابي سان ڊيٽرنس قائم ڪئي وئي ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، ڏکيائين باوجود شاندار ڪارنامي ۾ پنهنجو حصو وجهندڙن کي هٿياربند فوج ڀيٽا پيش ڪري ٿي، هٿياربند فوج ۽ قوم ۽ انهن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.آءِ ايس پي آر جو چيو ته خواب جي ساڀيان لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪندڙ سائنسدان ۽ انجنيئرز واکاڻ جوڳا آهن.پاڪ فوج علائقائي سلامتي جي تحفظ، ملڪي سلامتي کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.