اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪري ورتو

اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ جي حڪومتن فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ٽنهي ملڪن جي حڪومتن اڄ فلسطين کي باضابطا طور تي رياست طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
نارويجيئن ڪابينا طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏيڻ کانپوءِ ناروي جي پرڏيهي وزير چيو ته ناروي 30 سالن کان فلسطين جي حقن جو سرگرم محافظ رهيو آهي.
آئرلينڊ جي ڪابينا به اڄ فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
حڪومتي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته آئرلينڊ اڄ فلسطين کي هڪ خود مختيار ۽ آزاد رياست طور تسليم ڪري ورتو آهي، ڪابينا آئرلينڊ ۽ فلسطين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ فلسطين ۾ سفارتخانو کولي سفير مقرر ڪيو ويندو.
اسپين جي ڪابينا به اڄ فلسطين کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
هسپانوي وزيراعظم چيو ته فلسطين تي ٿيندڙ ظلمن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، امن قائم ڪرڻ جي ذميواري اسان سڀني جي آهي ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي، فلسطين کي تسليم ڪرڻ تاريخي لمحو آهي.
واضح رهي ته فلسطين کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ هاڻ 146 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.