اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ٻاهرئين ملڪ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن تي اين او سي جو شرط لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
2024 سيشن لاءِ شاگردن کي پي ايم ڊي سي کان اين او سي وٺڻو پوندو، اختيارين موجب هر سال پاڪستان مان 3 هزار شاگرد ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويندا آهن، جن ۾ 30 سيڪڙو عورتون آهن.
اختيارين چيو ته پاڪستاني شاگردن کي غير معياري عالمي يونيورسٽين کان بچائڻ لاءِ وڌڪ قدم کنيا پيا وڃن.
pmdc pakistan hec