اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي واپاري خساري ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف طرفان اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ايندڙ مالي سال پاڪستان جي واپاري خساري ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته برآمدن ۽ درآمدن ۾ واڌ جو ڪاٿو به لڳايو ويو آهي.
آءِ ايم ايف چيو آهي ته نئين مالي سال پاڪستان جي واپاري خساري ۾ 4 ارب 16 ڪروڙ 50 لک ڊالر واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان جي درآمدن ۾ 5 ارب 51 ڪروڙ 70 لک ڊالر واڌ جو ڪاٿو آهي ۽ برآمدن ۾ هڪ ارب 35 ڪروڙ 20 لک ڊالر واڌ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان جو واپاري خساريو وڌي 27 ارب 92 ڪروڙ 30 لک ڊالر ٿي سگهي ٿو، نئين مالي سال درآمدن جو ڪاٿو 60 ارب 48 ڪروڙ ڊالر رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف موجب ايندڙ مالي سال پاڪستان جون برآمدون 32 ارب 56 ڪروڙ ڊالر رهڻ جو ڪاٿو آهي.
هلندڙ مالي سال پاڪستان جو واپاري خسارو 23 ارب 76 ڪروڙ ڊالر رهڻ جو امڪان آهي، درآمدون 54 ارب 96 ڪروڙ ڊالر رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين برآمدون 31 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن تي پهچڻ جو امڪان آهي.
imf pakistan business