لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 6 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو.
شهباز شريف طرفان پارٽي عهدي تان استعيفيٰ کانپوءِ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ پارٽي صدر جي عهدي لاءِ نواز شريف جا 8 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، نواز شريف جا چئني صوبن مان الڳ الڳ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان به نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
نواز شريف جا پارٽي صدر لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا ۽ هو بنا مقابلي ن ليگ جو صدر چونڊجي ويو.
واضح رهي ته 28 جولاءِ 2017 ۾ نواز شريف سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ڪيس جي فيصلي کانپوءِ وزارت عظميٰ سميت پارٽي صدارت تان به هٿ ڌوئي ويٺو هو.
nawazsharif pmln shahbazsharif