واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي مختلف رياستن ۾شديد طوفان سبب فوت ٿيلن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.
فوتگيون ٽيڪساس، اوڪلاهوما، آرڪنساس ۽ ڪينٽڪي ۾ ٿيون آهن.
طوفان سبب آرڪنساس ۾ 8، ڪينٽڪي ۾ 5 ۽ اوڪلاهوما ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
رياست ٽيڪساس ۾ طوفان سبب فوت ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪولوراڊو ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي.
مسيسپي ۽ آرڪنساس کان ورجينيا ۽ ڏکڻ ڪيرولينا تائين لکين ماڻهو بجلي کان محروم آهن.
Tornadoes storms USA