سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يومِ تڪبير ملهايو پيو وڃي، وفاق ۽ چئني صوبن ۾ عام موڪل جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يومِ تڪبير ملهايو پيو وڃي، وفاق ۽ چئني صوبن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
1998 ۾ اڄوڪي ڏينهن ڪيل ڪامياب ايٽمي تجربن جي ياد ۾ قوم اڄ 26هون يوم تڪبير قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي جنهن ملڪ جو دفاع مضبوط ڪيو.
پاڪستان، ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 28 مئي 1998 تي بلوچستان جي صوبي چاغي ۾ ڌماڪا ڪيا هئا.
26 سال اڳ ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين ۽ دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ هن ڏينهن کي پاڪستاني قوم يوم تڪبير جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يوم تڪبير پاڪستاني قوم جي ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن سموري قوم هن ملڪ جي سلامتي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪنهن قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول ڪري سوديبازي نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته يومِ تڪبير سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ سائي جهنڊي هيٺان متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو، يوم تڪبير ٻاهرين دشمنن سان گڏوگڏ اندروني دشمنن، جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي سياست سان هن ملڪ کي خطري ۾ وجهڻ چاهين ٿا، انهن جي ناپاڪ ارادن کي هميشه ناڪام بڻائڻ جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي.
وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڪاميابي سان ائٽمي طاقتن جي صف ۾ شامل ٿيو، يوم تڪبير قوم جي اعتماد ۽ علائقائي امن استحڪام برقرار رکڻ جي عزم جو ثبوت آهي.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ذميوار رياست طور تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، پاڪستان طاقت جو توازن برقرار رکڻ ۽ جارحيت کي رد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
يوسف رضا گيلاني موجب ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ جي سفر ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪي قيادت ۽ سائنسدانن هن ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ لاءِ چيلينجز کي منهن ڏنو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف 28 مئي، يوم تڪبير جي ڏينهن سرڪاري طور موڪل جو اعلان ڪندي چيو هو ته يوم تڪبير سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ سائي جهنڊي هيٺان متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو.

Youm-e-Takbeer: Pakistan 23rdanniversary nucleartests

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.