نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: لال جروار

دادو (ڊ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب  مهيسر، رياض پيچوهو دادو پريس ڪلب پهچي سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن ۽ صحافين کي دعوتون ڏنيون. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ڌاڙيلن جي محفوظ پناهگاهه بڻايا ويا آهن. پيپلز پارٽي جا سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻيل آهن. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي، بلاول ڀٽي، مراد علي شاهه ۽ ملڪ جي صدر آصف زرداري کان اهو پڇڻ چاهي ٿو ته ڌاڙيلن کي نيٽو جا جديد هٿيار ڪيئن پهچن ٿا؟ صحافين کي خاص ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي. صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.

`

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.