لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي سياسي، سماجي اڳواڻن نصرالله سنڌي، ايڊووڪيٽ آفتاب چانڊيو، انجنيئر ثناء الله ميمڻ، زبير جاگيراڻي، فارض ٻگهيو، ثناءُ الله سنڌي، مرمحمد چانڊيو، سعيد چانڊيو ۽ ٻين پاران ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي تصويرن اڳيان گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هيو ته نصرالله گڏاڻي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن واقعي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي گرفت ۾ آڻي کين سزا ڏئي سنڌ جي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.