اسلام آباد (عمران شفقت+حامد مير) پي ٽي آءِ باني عمران خان سوشل ميڊيا کي ڀرپور نموني استعمال ڪري ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حمايت حاصل ڪري ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڏنا آهن. پي ٽي آءِ پرڏيهه مان پنهنجي پارٽي جي ويب سائيٽن ۽ پيجز تي آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. آرمي چيف تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن فيبروري جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي. عمران خان هاڻي ديوانو ٿي ويو آهي ۽ چاهي ٿو ته ڪهڙي به نموني سندس جان ڇڏائي وڃي. هاڻي پي ٽي آءِ وارن اهي ڳالهيون شروع ڪيون آهن ته بنگلاديش جي باني شيخ مجيب جو مينڊيٽ تسليم نه ڪندڙ يحي’ خان غدار هو ٻيو جنرل عاصم منير به غدار آهي ۽ هو ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو. عمران خان طالبان جي حمايت سان به فوج سان ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿو. هو پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ملڪ ۾رتوڇاڻ ۽ انارڪي چاهي ٿو. اها عمران خان جي آخري ڌمڪي آهي. عمران خان جي طالبان کي سهوليت ڏيڻ واري خواهش سندس پنهنجي وڏي وزير ختم ڪري ڇڏي. ان سندس منصوبو رد ڪري ڇڏيو،جڏهن ته وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي شيخ مجيب الرحمان سان ڀيٽا ڏني پئي وڃي، پاڪستان جي موجوده صورتحال کي 1971ع جي بحران سان تشبيهه ڏني پئي وڃي، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ پي ٽي آءِ خلاف جارحاڻي انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ان کانپوءِ وفاقي گهرو وزير ۽ توانائي واري وزير ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان سٺي ماحول ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا وفاقي حڪومت هڪ پيج تي آهي؟سياسي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ اها پريس ڪانفرنس تازي هوا جو جهونڪو آهي،عمران خان سدائين ڪي پي جي اوٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪيو آهي، هن سوشل ميڊيا جي سائنس کي سمجهي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي استعمال ڪيو،عمران خان کي ٻاهرين ملڪن مان حمايت حاصل آهي،
-
ڪنهن به اداري سان جنگ ناهي، لوڊشيڊنگ ۾ رليف ملڻ گهرجي:علي امين گنڊاپور
اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، توانائي بابت وفاقي وزير اويس لغاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي آهي.گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا، اسان گڏجي معاملا طئي ڪيا آهن. اسان اهڙو رستو ڪڍيو آهي جنهن سان عوام کي رليف ملندو ۽ نقصانن ۾ به گهٽتائي ايندي اسان گڏيل مشاورت سان معاملا طئي ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اويس لغاري سان توانائي واري وزير جي حيثيت سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڳالهين جو اسان جي پارٽي معاملن سان ڪوبه تعلق نه آهي. پي ٽي آءِ باني هميشه چيو آهي ته ادارن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي.علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي ڪنهن به اداري يا سسٽم سان جنگ نه آهي، سياسي تحريڪ ۽ انتظاميه جي معاملن کي مڪس نه ڪيو وڃي، لوڊشيڊنگ ۾ خيبرپختونخواهه کي رليف ملڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه جي گورنر سان منهنجا ڪي به اختلاف نه آهن. لوڊشيڊنگ عوام جو وڏو مسئلو آهي.توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته اڄ ملڪ جي لاءِ خوشي جوڳو ڏينهن آهي. سياستدانن تي تنقيد ڪندڙ اڄ شرمنده ضرور ٿيندا. گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورائتو آهيان، اسان عوامي مسئلن جو حل ڪڍيو آهي، اڄ اسان گڏجي ويهي هڪ ماڊل ٺاهيو آهي جيڪو ٻين صوبن سان به شيئر ڪنداسين. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان بهتر ڳالهيون ٿيون. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ وڏو بحران هو جيڪو حل ٿي ويو آهي ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجو 25 سال پراڻو تعلق آهي جيڪو اڃان وڌيڪ رهندو.
-
الله پاڪ عمران خان کي مجيب الرحمان جھڙي انجام کان بچائي:راڻا ثناءَ
لاهور(بيورو+ م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نوازشريف مڪمل طور تي سرگرم آهي، پارٽي صدر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيندي، الله پاڪ پي ٽي آءِ جي باني کي مجيب الرحمان جهڙي انجام کان بچائي، هن چيو ته شهباز شريف جي پارٽي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ جيڪو عهدو خالي ٿيو هو، پارٽي جي آئين موجب چونڊن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.راڻا ثناءُ الله چيو ته پهرين مرحلي ۾ 18 مئي تي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويو هو، جنهن ۾ شهباز شريف جي صدارت تان استعيفيٰ منظور ڪندي کيس نئين صدر جي چونڊ تائين اهي ذميواريون نڀائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي ۽ ان کي قائم مقام صدر جي عهدي تي چونڊيو ويو هو. هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ اڄ صبح 10 وڳي کان 12 وڳي تائين وصول ڪيا ويندا ۽ اڄ 4 وڳي اليڪشن جو مرحلو مڪمل ٿي ويندي.
-
عمران خان کي شيخ مجيب سان نه ڀيٽيو وڃي: عطا تارڙ
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته عمران خان چيو ته جيڪڏهن مان نه رهيس ته ملڪ ٽٽي ويندو، چار پنج پوسٽون ڪري پاڻ کي شيخ مجيب الرحمان سان ملائي ٿو، سندس لڪيل چهرو 9 مئي تي بي نقاب ٿي ويو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته هن وقت ملڪ دشمن قوتون سرگرم آهن، عمران خان ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هو ملڪ جا بنياد تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 1971ع جي ڳالهه ڪري ۽ شيخ مجيب الرحمان جون تصويرون لڳائي غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيا آهن، 2024ع جي صورتحال کي 1971ع سان ڪيئن ملايو پيو وڃي، هي ان سوچ وارا آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته خان ناهي ته پاڪستان ناهي، مان اقتدار ۾ ناهيان ته ملڪ ٽٽي ويندو، عمران خان جي اقتدار کان پري کيس ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، توهان پاڻ کي شيخ مجيب سان سلهاڙي رهيا آهيو، توهان ڪڏهن 1971 جي تاريخ پڙهي آهي؟ ، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جون سموريون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن ملڪ جي معيشت هاڻ بهتر ٿي رهي آهي، سندس چوڻ هو ته ايس آءِ ايف سي جي تحت عالمي سرمائيڪارن لاءِ 7 ڊيسڪ قائم ٿيندا. چائنا، يو اي اي، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين، آمريڪا ۽ فار ايسٽ کي شامل ڪيو ويو آهي،