اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانه چيو آهي ته ايندڙ مالي سال ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ ساڍا 12 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
ايف بي آر چيئرمين ايندڙ وفاقي بجيٽ تجويزن تي غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته ٽيڪس هدف ۽ ٽيڪس ڪليڪشن لاءِ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف مڪمل ڪيو وڃي.
هن چيو ته ايندڙ مالي سال ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ ساڍا 12 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽريس جو دائرو وڌائڻ لاءِ به منصوبابندي ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته نان فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ فنانس بل ۾ قدم کنيا ويندا، واپار دوست اسڪيم جي رجسٽريشن ايندڙ مالي سال اڃا وڌائي ويندي.
fbr tax pakistan