ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت وزير واري عذرا پيچوهو چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جو استعمال سنجيده مسئلو آهي، ٻار نشي ۾ قتل به ڪري ڇڏيندو آهي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال بابت اعتراض جي نقطي جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته اهو تمام سنجيده معاملو آهي، صوبي ۾ منشيات ايندي ڪٿان آهي؟ اسڪول جا ٻار آن لائن آساني سان منشيات گهرائيندا آهن، آن لائن منشيات جي مارڪيٽنگ ٿي رهي آهي.
هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي، منشيات جو استعمال ڪندڙ ٻارن جي قابليت گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي، فارم هائوس ۾ ٻار گڏ ٿيندا آهن ۽ نشو ڪيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته منشيات سبب ٻارن جي روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي، ٻار نشي ۾ قتل به ڪري ڇڏي ٿو، اوور ڊوز جا ڪيس به آهن.
صوبائي وزير چيو ته اسان کي منشيات خلاف ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪيترائي والدين به نشو ڪندا آهن، جن کي ڏسي انهن جا ٻار به نشو شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
azrapechuho sindhgovt ppp