اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيهه جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ڪندي نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي، مخصوص واهپيدار في ڪلو گيهه 375 رپين تائين خريد ڪري سگهندا.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سبسڊائزڊ گيهه جي قيمت ۾ 18 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي، ترجمان موجب بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ خاندانن لاءِ گيهه جي قيمت ۾ 18 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي واهپيدارن کي في ڪلو گيهه هاڻ 375 رپين ۾ ملندو.
يوٽيليٽي اسٽورز سان خريداري ڪندڙ عام واهپيدارن کي گيهه هاڻ 463 رپين بدران 445 رپيا في ڪلو ملندو.
You might also like