شاهه رخ خان خوش قسمت آهي، هن مون کي چمي ڏني: ڪترينا ڪيف

بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي مختصر وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائيندي آهي ته فلم ۾ چمي ڏيڻ جو منظر شوٽ ڪرائڻ تي مان نه پر شاهه رخ خان خوش قسمت آهي، جنهن مونکي چمي ڏني.
شارخ خان ۽ ڪتريبا رومانوي فلم جب تڪ هي جان ۾ گڏجي ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي چمي ڏني هئي.
ٽراءِ اينگل لو فلم جي ڪهاڻي ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪترينا ڪيف وچ ۾ ڪيترائي رومانوي منظر شوٽ ڪيا ويا هئا.
تازو ئي ڪترينا ڪيف جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ پنهنجي ۽ شاهه رخ خان جي چمي ڏيڻ واري منظر شوٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو.
سوال تي ڪترينا ڪيف پهريان بيزاري سبب کلندي آهي ۽ بعد ۾ چوندي آهي ته اهڙو سوال ڪرڻ تي اوهان کي سلام ڪرڻ گهرجي.
ڪترينا ڪيف طرفان جواب نه ڏيڻ باوجود به پرستار پنهنجا سوال جاري رکندا آهن، جنهن ۾ تقريب ۾ ميزبان به سوال ڪرڻ وارن کي چوندو آهي ته ڪترينا ۽ شاهه رخ خان جي چمي تي سموري تحقيق ڪري آيا آهن.
بعد ۾ سوال ڪرڻ واري شخص ڪترينا ڪيف کي خوش قسمت ڏيندي چيو ته هن فلم ۾ شاهه رخ خان کي چمي ڏني.
ڪترينا ڪيف وڊيو ۾ چوندي آهي ته خوش قسمت مان نه پر شاهه رخ خان آهي جنهن اداڪارا چمي ڏني.

KatrinaKaif ShahrukhKhan Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.