بالي ووڊ سپر اسٽار ۽ انڊين پريميئر ليگ ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي مالڪ شاهه رخ خان گوتم گمڀير کي بلينڪ چيڪ پيش ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) گوتم گمڀير کي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جو عهدو ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
جيئن ته ڪيئي پرڏيهي ڪوچ ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪري چڪا آهن جڏهن ته ڀارتي بورڊ راهول ڊريوڊ کانپوءِ هيڊ ڪوچ لاءِ گوتم گمڀير جي نالي بابت غور ويچار ڪري رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گمڀير هن آءِ پي ايل 2024ع ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جو مينٽور آهي، سندس مينٽورشپ ۾ ڪولڪتا ڏهن ورهين کانپوءِ آءِ پي ايل جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شاهه رخ خان ايندڙ ڏهن سالن لاءِ فرنچائز ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ” بلينڪ چيڪ “ جي آڇ ڪئي.
هڪ رپورٽ موجب، گمڀير ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي نوڪري ۾ به دلچسپي رکي ٿو پر هو ان ڳالهه جي ضمانت چاهي ٿو ته ڪوچنگ لاءِ سندس ئي نالو فائنل ڪيو وڃي تڏهن ئي هو درخواست ڏيندو.
ShahRukhKhan GautamGambhir IPL BCCI