اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاق ۾ 70 هزار نوڪرين جون جايون ختم ڪري 80 وفاقي کاتن کي هڪٻئي ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. يا خرچ بچائڻ لاءِ انهن وفاقي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي يا انهن کي بند ڪيو ويندو. ذريعن موجب شهباز شريف ان ڏس ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا خرچ گهٽائڻ بابت سفارشون پيش ڪندي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ڪجهه قدمن جو اعلان ڪيو ويندو. ان تحت گذريل ڪيترن ئي سالن کان خالي پيل گريڊ 1 کان 16 تائين جون 70 هزار پوسٽن کي ختم ڪيو ويندو. ان ڪميٽي کي شهباز شريف جي اڳوڻي حڪومت ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ان ڪميٽيءَ سفارش ڪئي ته سادگي اختيار ڪري ساليانو 10 کرب رپيا بچائي سگهجن ٿا پر ان جي اڪثر سفارشن تي عمل نه ڪيو ويو. ڪميٽي جي سربراهي مشهور بيوروڪريٽ ناصر محمود کوسو ڪري رهيو هو ۽ ساڻس 15 ٻين ماڻهن جي ٽيم هئي. وزيراعظم هاڻي 7 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيندي. 2023 واري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪري ترقياتي ڪمن مان 200 ارب رپيا، حڪومتي خرچن مان 55 ارب، خزاني مان 60 کان 70 ارب رپيا، ڪنزرويشن مان 100 ارب رپيا.(ماحولياتي) قدمن جي سفارش ڪئي وئي ته 174 ارب روپيا رياستي ڪنٽرول وارن ادارن مان 174 ارب رپيا ۽ دفاعي خرچن مان 15 سيڪڙو رقم بچائي سگهجي ٿي.