ڪراچي (محسن ٻٻر): عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ پوليس نصرالله گڏاڻي سان ويجها لاڳاپا رکندڙ شخص رٽائرڊ فوجي مٺل ملڪ جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس گهرواري ۽ پٽ کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. مٺل ملڪ ٻڌايو ته اسان جو نصرالله گڏاڻي جي خاندان سان اٿڻ ويهڻ آهي، گذريل 20،15 سالن کان اسان هڪٻئي سان ڏک سک ۾ گڏ هوندا آهيون. پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي گهرواري ۽ پٽ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ڪو به پتو ناهي. هن چيو ته پوليس اسان کان مرضي جو بيان وٺڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نصرالله گڏاڻي سان نا حق ٿيو آهي سندس وارثن کي حق انصاف ملڻ گهرجي. جنهن ڪيو آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، اسان تي ثابت ٿئي ته ڀلي سري عام گوليون هنيون وڃن. هن چيو ته منهنجي گهرواري تي دٻاءُ وڌو ويندو ته نصرالله سان سندس واسطو ڪهڙو هو. هن چيو ته اسان اهڙو بيان ڪڏهن به نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان جو نصرالله سان گهڻو واسطو هو ان لاءِ پوليس دباءُ وجهي رهي آهي.