گوگل فوٽوز طرفان اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پنهنجي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ فوٽوز ايپ ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ وڃي پئي.
سنيميٽڪ مومنٽ نالي هن فيچر بابت اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو فيچر بلڪل سينيميٽڪ فوٽوز وانگي ڪم ڪندو، پر اصل ۾ اهو وڊيوز لاءِ هوندو.
سينيميٽيڪ فوٽوز جي ابتڙ فيچر بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اهو پنهنجو پاڻ وڊيو جي هڪ حصي جي چونڊ ڪري ان تي سلوموشن افيڪٽ ڏيندو آهي.
واهپيدارن وٽ فل الحال اهڙي عمل تي ڪو به ڪنٽرول حاصل نه هوندو، پر گوگل امڪاني طور تي بعد ۾ اها سهولت فيچر ۾ شامل ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته ڪمپني طرفان اهڙي فيچر جي تاريخ ۽ ان جي استعمال بابت ڪا به معلومات سامهون ناهي آندي وئي.

GooglePhotos Feature cinematic

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.