ڀارت ۾ چلڊرين اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 7 تازا ڄاول ٻار سڙي فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نئين دهلي جي چلڊرين اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 7 تازا ڄاول ٻار فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي جي چلڊرين اسپتال ۾ باهه جو واقعو پيش آيو، جتي ڪُل 12 تازا ڄاول ٻار موجود هئا، باهه لڳڻ کانپوءِ کين ريسڪيو ڪري ٻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان دوران 7 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 جو علاج هلندڙ آهي.
پوليس موجب اسپتال جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

india newdelhi police

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.