ڪراچي سيف سٽي منصوبي لاءِ رقم جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي لاءِ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم جاري ڪئي وئي.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو 12 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، منصوبي سان شهر ۾ ڏوهن جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ خاتمي ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي کي مڪمل ڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪراچي کانپوءِ صوبي جي ٻين شهرن ۾ اهو منصوبو شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪا حڪومت ناهي چاهيندي ته وارداتون ٿين، امن امان جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، اهو نٿو چوان ته صورتحال مڪمل بهتر آهي پر بهتر ضرور ٿي آهي.

karachi sindh karachisafecity

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.