اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ ڪي پي حڪومت معاملا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
اسلام آباد ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ڪي پي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ لوڊشيڊنگ، بجلي بابت معاملن ۽ ٻين مسئلن بابت اهم اڳڀرائي ٿي ۽ وفاق ۽ ڪي پي نمائندن معاملا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ وفاقي وزيرن ۽ وڏي وزير سومر تي ٻيهر ملاقات ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.
kpk mohsinnaqvi pmln