ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا جي قيادت ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ اعلى سطحي وفد ميرپورماٿيلو پهچي ڪري شهيدِ سنڌ نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ۾ شرڪت کان پوءِ وارثن سان تعزيت مرحوم جي مغفرت ۽ درجات بلندي جي دعا ڪندي گهر ڪئي ته اصل قاتلن کي گرفتارڪري عبرت ناڪ سزاڏني وڃي.ضلعي گهوٽڪي جوامير مفتي يوسف مزاري، جهانگير علي، عبدالرشيد لاشاري توڙي مقامي اڳواڻ وفد ۾ شامل هئا.ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اڄ مظلومن جي آواز نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت سندس مظلومانه شهادت ۽ ڪردار جي مڃتا ۽ ظالم قاتلن کي اهو نياپو ڏنو آهي ته هڪ نصرالله نه بلڪه سنڌ جي هر گهر، هر برادريءَ ۾ لکين نصرالله موجود آهن، هن چيو ته ظالم حڪمران، سردار ۽ ڀوتار ياد رکن ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن هي ظالم پنهنجي انجام تائين پهچندا شهيد نصرالله گڏاڻي جهڙا ڪردار مظلومن جي آواز، بهادري ۽ جُرت جي ڪري تاريخ ۾ اَمر ٿي ويندا آهن جڏهن ته ظالمن جو نالو وٺڻ وارو به ڪير ناهي هوندو.