نصرالله گڏاڻي توهان واقعي پنھنجو فرض نڀايو لکڻ لاءِ لفظ نٿا ملن ھٿ ڏڪن پيا اکين مان ڳوڙها تري آيا آهن تنھنجي شھادت جسم ٽوڙي ڇڏيو آهي ڇا لکجي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي توهان جي شھادت سنڌ ۽ سنڌ جي سادن ماڻهن جو آواز ھئي توهان مظلومن جو ڀرجھلو ھئا توهان بيوسن جو سھارو ھئا توهان اميدن جا ڏيئا ھئا توهان جو جنم الائي ڇو اتي ٿيو جتي توهان جي آزادي توهان جي قتل جو سبب بڻجي جتي بدبو دار ڀوتارڪو راڄ قائم ھو
ھاڻي ته ڪن پيا ترسن فيس بڪ تي ڪير اچي لائيو چوندو اسلام عليڪم دوستو مان آهيان نصرالله گڏاڻي ھائي ڪير اچي چوندو توهان جي آزاد صحافت ڀوتارن جون ننڊون حرام ڪندي ھئي توهان جو بردبار آواز ايوانن ۾ گونجڻ سان وقت جا حاڪم لوڏن ۾ اچي ويندا ھئا ھر بيوس جو توهان سھارو رھندا ھئا علائقي جو ھر ھڪ ماڻھو توهان وٽ اميد کڻي ايندو هو
اوهان پنهنجي وس آهر آواز اٿاريندا ھئا ھاڻي مير پور ماٿيلو جي ڳلين ۾ شايد ڪو به ڪونه چوندو مان آهيان نصرالله گڏاڻي افسوس آهي ڏک آهي تڪليف آهي پوري سنڌ جي ھر ان باضمير غيرتمند کي تڪليف ٿي آهي توهان جو وڇوڙو اسان لئي گھر فيملي جيان آهي پر پوري سنڌ تنھنجي لاءِ سوڳوار آهي توهان ڀوتارن جي بدبو دار سسٽم سان گڏ ڀوتار جي ڀڙوت ۾ ھلندڙ صحافت کي به ننگو ڪري ڇڏيو سنڌ جي غيرت مند ماڻهن توهان جي شھادت تي صحافت جي موڪلاڻي ڪري ڇڏي آهي ھر اک آلي آهي پوري سنڌ سوڳوار آهي ڪجهه سمجهه مان نٿو آچي ڪير برساتن ۾ سيلاب ۾ دربدر ٿيندڙ ماڻهن تي اچي چوندو
اسلام عليڪم دوستو مان آھيان نصرالله گڏاڻي، نصرالله گڏاڻي سان منهنجي دوستي ٿورڙي عرصي کان گذريل ٻن سالن کان منھنجي سڃاڻپ ۾ ھو اسان جي سڃاڻپ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ذريع ٿي پاڻ ميرپور ماٿيلو کان عوامي آواز ۾ رپورٽنگ ڪندو هو مان ڪيٽي بندر کان ٻه سال پهرين اسان جو ھڪ ٻئي سان رابطو ٿيو جنھن دوران منهنجي مٿان به اقتداري ڌر ڪوڙي ايف آءِ آر ڪرائي نصرالله گڏاڻي سان فون تي ڪچهري ٿيندي هئي فيس بڪ تي لائيو اچڻ ڀوتارن ڪامورن کي للڪارڻ سندس ڪل ڪمائي ھئي سندس تعلق غريب گهراڻي سان آهي ڪچهري دوران مان کيس چوندو ھئس نصرالله ڀوتار توکي مارائي ڇڏيندا جواب ۾ چوندو هو زندگي موت خدا جي وس آهي جيڪڏهن مارجي ويس ته سنڌ تان قربان ٿي ويندس چوندو هو اسان جي ماڻهن جا ڏک سور تڪليفون گھڻيون آھن
اسان جا ماڻهو سادا اٻوجهھ آهن انهن کي ڳالهائڻ نٿو اچي چوندو هو مان صحافي آهيان منهنجي ھٿ ۾ قلم آهي اھا ھڪ خدا جي نعمت آهي قيامت جي ڏينهن خدا مونکان پڇندو ته توهان جي ھٿ ۾ قلم ھو توهان بيوسن لاءِ ڇا ڪيو مونکي منهنجي خدا جو خوف ٿو ٿئي مونکان خدا پڇندو حساب ڪتاب ٿيندو چوندو هو مان جتي رھان ٿو اتي ڪفن پائي مان جھڙي ماڻهو کي رھڻو ٿو پوي چوندو هو ڌمڪيون داٻا ڪوڙيون ايف آءِ آر انھن جو عادي ٿي ويو آھيان اھا ھاڻي عادت ٿي وئي آهي نصرالله گڏاڻي واقعي شينھن جو جگر رکندڙ انسان ھو چيومانس تنھنجا ٻچا رلي ويندا چيائين خدا جي حوالي آهن دنيا تي ايندڙ جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي ته ان کي رزق مان ڏيندم سو مون کي خدا تي يقين آهي منهنجي ٻچڙا منهنجي خدا جي حوالي آهن ايماندار سان گڏ خدا تي ڀروسو رکندڙ انسان ھو سندس قرباني ضرور ڪو انقلاب آڻيندي عوامي آواز سٿ پاران سندس مڪمل آواز بڻجڻ تي عوامي آواز کي جس هجي