سلمان خان سونم ڪپور سان رومانس نه ڪري سگهيو !

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان فلم ” پريم رتن ڌن پايو“ ۾ سونم ڪپور سان رومانوي منظرن جي عڪسبندي کي مشڪل تجربو قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران سلمان کان پڇيو ويو ته انيل ڪپور ۽ هو گهٽا دوست آهن ته ڇا اوهان لاءِ ” پريم رتن ڌن پايو “ فلم ۾ سونم ڪپور سان رومانوي منظر شوٽ ڪرائڻ وارو تجربو ڪئين رهيو؟
ان سوال جي جواب ۾ سلمان خان چيو ته سورج برجاتيا( فلم جو هدايتڪار ) جو رومانس گهڻو مختلف هوندو آهي ڇو ته هو ڏسندڙن کي سافٽ رومانٽڪ زماني ۾ وٺي ويندو آهي جيڪو بلڪل خالص محسوس ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو هو پاڻ ۾ ايترو سچو جذبو محسوس نه پيو تنهنڪري سندس لاءِ اهڙن منظرن جي عڪسبندي مشڪل هئي.
هن وڌيڪ چيو ته سونم ان ڪردار لاءِ بهترين چونڊ نه هئي، شروع ۾ ته مان سندس ڪاسٽنگ جي فيصلي جي خلاف هئس پر پوءِ سورج برجاتيا خاطري ڪرائي.

SalmanKhan SonamKapoor Bollywood PremRatanDhanPayo

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.