گهوٽڪي ويجهو ريل گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ويجهو ريل گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
سرحد ڀرسان نئين روڊ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ واڳڻي واسي نوجوان صدام حسين لغاري فوت ٿي ويو .
واقعي کانپوءِ سرحد پوليس ۽ فوتي جا وارث پهچي ويا، فوتي جو مڙهه تعلقي اسپتال پهچايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان ريلوي ٽريڪ ڪراس ڪري رھيو ھو ته حادثي جو شڪار ٿيو.

ghotki sindh pakrailways

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.