ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شهرين جي تشدد ۾ وڌيڪ هڪ مبينا ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
واقعو اورنگي ٽائون بنارسي مارڪيٽ ڀرسان پيش آيو، شهرين ڦرلٽ جو الزام مڙهي ٻن ڄڻن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو.
شهرين مارڪٽ کانپوءِ ٻنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو، جن مان هڪ ڄڻي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
پوليس تصديق ڪندي چيو ته زخمين مان هڪ ڦورو دم ڏئي ڇڏيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
karachi police sindh