ٻي شاديءَ لاءِ پهرين زال کان اجازت وٺڻ وارو قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل شريعت ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻي شاديءَ لاءِ پهرين زال کان اجازت وٺڻ وارو قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
فيڊرل شريعت ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻي شادي لاءِ پهرين گهرواري کان اجازت جو قانون نه رڳو آئين پر شريعت جي پڻ خلاف آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪي آئين موجب ڪو به قانون اسلامي اصولن جي خلاف نٿو ٺهي سگهي، آئين موجب اسلام جي خلاف قانون کي فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو.
درخواست گذار طرفان اِهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 35 سالن کان وڏي عمر جون هڪ ڪروڙ عورتون شاديءَ جون منتظر آهن، عدالت پهرين زال کان اجازت واري قانون کي اسلام جي خلاف قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏئي.
درخواست ۾ قانون واري وزارت، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.