سنڌ ۾ قهر جي گرمي، تاريخي پارو رڪارڊ ڪيو ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ۾ سنڌ ۾ شديد گرميءَ جي لهر برقرار آهي،اڄوڪي ڏينهن تي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، دادو ۽ سکر ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته سبي ۽ ڊي جي خان ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ نواب شاهه ۾ گرمي پد 47، ملتان، بهالپور ۾ 46، فيصل آباد، ڊي آءِ خان، سرگوڌا، نوڪنڊي، ساهيوال حيدرآباد ۽ تربت ۾ به گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، جهلم ۾ گرمي پد 43، مظفرآباد ۽ چڪوال ۾ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.