ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، مختلف سياسي سماجي اڳواڻ شهيد جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا.
صوبائي وزير محمد بخش مهر تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله پاڪ شهيد جي گهر ڀاتين کي صبر عطا فرمائي، مان چونڊيل نمائندو ضرور آهيان پر ان کان اڳ هڪ انسان آهيان، مون کي ايترو ئي ڏک آهي جيترو شهيد جي گهرڀاتين کي آهي، خدا جو خوف رکي مطالبو ڪيان ٿو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي.
وارثن طرفان جي آءِ ٽي تي اعتراض بابت سوال تي هن چيو ته وارثن جا مطالبا مڃڻ گهرجن، انصاف ٿيڻ گهرجي، اسان جي ليڊر شپ ۽ آءِ جي سنڌ ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو سانحو افسوسناڪ آهي، مان ذاتي طور اعلان ڪيان ٿو ته ننڍڙن ٻارن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪندس.
#JusticeForNasrullahGadani #BhotarMyFoot #ShaheedNasrullahGadani