ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون ٻه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 40 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 172 رپيا لاٿ بعد 2 لک 5 هزار 761 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قميت پنج ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2333 ڊالرز ٿي وئي آهي.
Pakistan Gold GoldRate